پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ما ۽ ڀا هٿياربندن هٿان قتل

ڪوٽڙي/ڄامشورو: ڪوٽڙي واسي پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان جو ڀا ۽ ما هٿياربند جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا، خبر موجب ڄامشور ٿاڻي جي حد گلشن شھباز واري علائقي ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان هٿياربندن عدالت مان حاضري تان ٿي واپس خدا جي بستي ويندڙ نوجوان محمد علي چنا ۽ سندس ما ظهران چنا کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته سائيٽ پوليس ۽ ڄامشورو پوليس ۾ حدبندي جي تڪرار سبب اطلاع باوجود لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جنهن بعد ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ تي سار سنڀال لهندڙ ڊي آئي جي ٽيم موبائل گاڏي ۾ ٻنهي ما ۽ پٽ جا لاش کڻي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيا. جڏهن ته اطلاع بعد ايس ايس پي ڄامشورو واقعي واري هنڌ پهتو. هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب مقتول محمد علي جي ڀا شاھه رخ چنا ڪجھه مهينا اڳ دادلي شابراڻي چانڊيو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. جنهن بعد تڪرار پيدا ٿيو، جڏهن ته ڇوڪري جي وارثن سائيٽ ٿاڻي ڪوٽڙي تي 6 مارچ تي ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ محمد حسن چانڊيو فريادي موقف اختيار ڪيو هو ته شاھه رخ چنا، محمد علي چنا، ظهران چنا، اشفاق چانڊيو ۽ فيصل راجپوت گهر ۾ داخل ٿي ٽن ڇوڪرين دادلي چانڊيو، گلشن چانڊيو ۽ ليلان چانڊيو کي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد دادلي چانڊيو شاھه رخ چنا سان فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ٿي پسند جو پرڻو ظاهر ڪيو. جڏهن ته اغوا ڄاڻايل ٻيون 2 ڇوڪريون ليلان ۽ گلشن چانڊيو اڃا تائين ظاهر ناهين ٿي سگهيون.

پسند جو پرڻو ڪندڙ شاھه رخ جي ما چنا جي ما ظهران پنهنجي پٽ محمد علي سان گڏ عدالت مان حاضري بعد گهر وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا. هوڏانهن مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث ڪوٽڙي جي خدا جي بستي کڻائي پهتا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مقتولن جي وارثن دانهون ڪندي لاشن کي چنبڙي ويا، مقتول جي وارثن دانهون ڪندي چيو ته اسان سان ناانصافي ٿي آھي، پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي. جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي موجب واقعو پيار جي پرڻي تي ٿيو آھي. جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. وارثن جي چوڻ موجب ڪيس داخل ٿيندو، في الحال وارث مقتولن جي تدفين بعد ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لا ٽيمون جوڙيون ويون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button