ڄامشورو: ڄامشورو ۾ ڏيڍ مهينو اڳ مڙس هٿان بيدردي سان قتل ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽ جي فائينل ايئر جي شاگردياڻي ۽ ڄامشورو جي اخباري هاڪر سڪندر عباسي جي نياڻي ماجده عباسي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لا حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف واري قبرستان ۾ سول جج ڪنزيومر ڪورٽ منير احمد جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪئي وئي. جڏهن ته قبرڪشائي بعد ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر محمد احسان، ڊاڪٽر راحيل خان، ڊاڪٽر وحيد علي ناهيو، ڊاڪٽر وقار احمد تنيو، پوليس سرجن ۽ ڊاڪٽر زونيش تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ ڇوڪري جو پوسٽ مارٽم ڪيو جسم مان ورتل جزا ٽيسٽن لا لمس ڄامشورو ۽ روهڙي جي ليبارٽرين ڏانهن موڪليا ويا. ان موقعي تي مقتولا ماجده عباسي جي پي اخباري هاڪر سڪندر علي عباسي جو چوڻ هو ته هڪ ته اسان جي ناٺي اسان سان ظلم ڪيو، ٻيو وري نوري آباد پوليس بناڪنهن جاچ پڙتال يا انڪوائري ڪرڻ جي اسان جي نياڻي کي لاوارث قرار ڏئي ايڌي وارن هٿان دفنائي ڇڏيو. اسان سان وڏي ناانصافي ٿي آهي. پوليس جي ان ناانصافي سبب اسان پنهنجي نياڻي کي پنهنجي هٿن سان ته نه دفنائي سگهياسين ويتر اڄ ان جي لاش جي بيحرمتي ڪرائي رهيا آهيون.
هن چيو ته جنهن ڏينهن کان اسان جي نياڻي جو بيرحماڻو قتل ٿيو آهي، ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين سک جو ساھه ناهي کنيو. هن اعلي’ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته تمام وڏو ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ 22 سيپٽمبر تي شاگردياڻي ماجده عباسي کي سندس مڙس زاھد سولنگي نوري آباد جي جابلو علائقن ۾ وٺي وڃي پٿر ھڻي بيدردي سان قتل ڪري لاش برپٽ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو هو پر ڪجھه ڏينهن بعد وحشي مڙس نوري آباد پوليس ۽ صحافين اڳيان زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ لاش جي نشاندھي پڻ ڪئي ھئي، جڏهن ته نوري آباد پوليس بغير پوسٽ مارٽم جي لاش ٽنڊو يوسف جي قبرستان ۾ لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيو ھو، جنهن جي ڪالهه قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.