ڪراچي: سنڌ حڪومت پاسما کي شوگرملون 20 نومبر کان هلائڻ ۽ 29 نومبر تائين ڪريشنگ شروع ڪرڻ حڪم جو ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جو شوگرملون هلائڻ ۽ ڪريشنگ شروع ڪرڻ بابت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم اجلاس ٿيو. جنهن جي صدارت سنڌ جي وڏي جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد ذوالفقار علي شاهه، شاهينه شير علي، زراعت کاتي جو سيڪريٽري اعجاز احمد مهيسر، ڊي جيز هدايت الله ڇجڙو، نور محمد بلوچ، سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر، شگر ملز مالڪان پاسما سميت ٻين هارين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿيو. صلاحلاڪار منظور وساڻ چيو ته سنڌ ۾ شوگر ملون 20 نومبر کان هلنديون ۽ 29 نومبر تائين ڪريشنگ شروع ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close