تحريڪ انصاف چيئرمين تي حملي بعد ملتوي ٿيل لانگ مارچ وزيرآباد مان ٻيهر شروع ٿي ويو، عمران خان راولپنڊي ۾ هن قافلي جو حصو بڻجندو، لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي ڪيل خطاب ۾ هن چيو آهي ته هن ملڪ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جا به ڪي حق نه آهن، ايف آ آر به داخل نٿو ڪرائي سگهي، جڏهن هي عام ماڻهو سان ظلم ڪندا هوندا ته اهو ويچارو ڇا ڪندو، ڪهڙي پاسي ويندو هوندو، حقيقي آزادي جي تحريڪ هاڻي نه رڪجندي، اڃا وڌيڪ زور وٺندي. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته مون کي رٿابندي تحت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها منصوبا بندي سيپٽمبر ۾ ٺهي ۽ مون 24 سيپٽمبر تي ئي چئي ڇڏيو هو ته مون کي قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، ابتسام اسان جو هيرو آهي جنهن حملي کي ناڪام بڻايو، معظم جي شهيد ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک آهي، جنهن ٻارن جي تاحيات ڪفالت جي ذميواري پوري ڪنداسين. هن چيو ته لانگ مارچ کي اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون، فارنزڪ مان ثابت ٿيو آهي ته 2 مختلف قسمن جون گوليون لڳيون آهن، يعني گوليون هلائيندڙ به 2 هئا، حقيقي آزادي جي تحريڪ وڌيڪ زور پڪڙيندي، تڪڙ مون کي نه پر اسلام آباد وارن کي جلدي آهي، لانگ مارچ جو وقت اسان پاڻ طئي ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف سدائين امپائر سان گڏجي کيڏيو آهي، مون کي نه پر نواز شريف کي امپائر جي ضرورت آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کانسوا به چونڊون ٿيون، تڏهن به تحريڪ انصاف کي هڪ ڀاڱي 3 اڪثريت ملندي. هتي اڳوڻي وزيراعظم تي حملي جو ڪيس داخل نه پيو ٿئي، اڳوڻي وزيراعظم کي ئي انصاف نه پيو ملي ته عوام جو ڇا ٿيندو ۽ عام ماڻهو سان پوليس ڪهڙو سلوڪ ڪندي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ڇا جوابدار نويد شڪل مان انتهاپسند لڳي ٿو، هن کي طوطي وانگر سبق پڙهايو ويو آهي، هن صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي اهم ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، مان چاهيان ٿو ته چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺي، قوم هينئر چيف جسٽس ڏانهن نهاري رهي آهي، چيف جسٽس صاحب اوهان کي 4 شيون ڏسڻيون پونديون، فارنزڪ ۾ ثابت ٿي ويو آهي ته ٻه شوٽر هئا، ان لاءِ مذهبي انتهاپسند واري ڳالهه ختم ٿي وئي، اعظم سواتي ۽ ارشد شريف واقعن جي جاچ ڪرائي وڃي. جيڪا وڊيو ڏيکاري وئي اها ٽي وي اينڪر وٽ ڪيئن پهتي؟ جيتوڻيڪ ارشد جي والده پوسٽ مارٽم جي رپورٽ گهري رهي آهي، ڪير ان جي جاچ ڪندو. ڇو حڪومت ڪينيا جي حڪومت کي خط ناهي لکيو، هڪ پلان تحت ان تي تشدد ڪيو وڃي ۽ پوءِ گولي هلائي وئي، ڪير هو جنهن کي سڀ کان گهڻي تڪليف هئي، ڪاوڙ هئي ته پهريان تشدد ڪريو پوءِ قتل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پنجاب ۾ حڪومت اسان جي آهي پر حڪومت کي هلائي ڪو ٻيو رهيو آهي، اسان بنانا ريپبلڪ بڻجي رهيا آهيون، ملڪ پنهنجي ادارن تان اعتماد وڃائي چڪو آهي، مون کي سياست چمڪائڻ لا اهو سڀ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، جيستائين هن ملڪ ۾ انصاف نه وٺنداسين اسان حقيقي طور تي آزاد نه ٿينداسين ۽ جيستائين حقيقي طور تي آزاد نه ٿينداسين خوشحالي نه ايندي، جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي پوري جدوجهد ڪندس ۽ ڪڏهن به پوئتي نه هٽندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close