
ملير: ملير پوليس ٻن نينگرن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آھي، هاف فراءِ ڪيل نينگرن ۾ 16 ورهين جو محسن ۽ 14 ورهين جو شاهد سوڍا شامل آهي. ان سلسلي ۾ ملير پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر سي 21 ۾ ڦورن سان مقابلو ٿيو، جنهن بعد ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن 18 آڪٽوبر تي ڦر مزاحمت دوران هڪ شهري عبدالله کي قتل پڻ ڪيو هو، وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.