پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ صحت کاتي جي ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، عورتن جي تذليل، 9 ڄڻا گرفتار، مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد: ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهيلي تذليل ڪئي وئي، 4 عورتن سميت 9 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، سنڌ سرڪار گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي جاري هيلٿ ملازمن جي احتجاج جو نيٺ نوٽيس ورتو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، مختلف شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن سنڌ سيڪريٽريٽ کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو، پوليس چڪرين بعد 4 عورتن سميت 9 مظاهرين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ کڻي وئي. پوليس اهلڪارن پاران عورت ملازمن کي تذليل جو به نشانو بڻائڻ جو الزام سامهون اچي رهيو آهي ٻئي طرف سنڌ سرڪار گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي جاري هيلٿ ملازمن جي احتجاج جو نيٺ نوٽيس ورتو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان گڏ ڪميٽي ۾ سيد ناصر شاهه، سعيد غني، صحت ۽ ناڻي کاتي جا سيڪريٽريز به شامل، ڪميٽي کي گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ڪراچي ۾ پوليس پاران تشدد ۽ تذليل بعد گرفتار ڪيل صحت کاتي جي 4 عورت ملازمن سميت سمورا مظاهرين آزاد ڪيا ويا آھن، ملازمي مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ کان سي ايم هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهيلي تذليل ڪئي وئي. صحت کاتي جا ملازم ڊي جي سائنس ڪاليج وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.

ڪراچي: صحت کاتي جا ملازم احتجاج ڪري رهيا آهن

جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن شهر جي جناع باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن غلام حسين لانگاهه، ريشمان لانگاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو. نوابشاهه ۾ درمحمد بھراڻي، سانوڻ سنڌي، حاجي علي خان ٻگهيو، راشد لنڊ، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، منظور راڄپر، امان الله عباسي، عبدالطيف رستماڻي، نصير احمد خاصخيلي، امجد جمالي، دادن خان، خليق احمد، ذوالفقار ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم ايس آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. دادو ۾ صحت کاتي جي ملازمن راجا رفيق پنھور، امتياز چانڊيو، صداقت سومرو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي. ٻئي طرف ويڪسينيشن اسٽاف ۽ ويڪسينيٽر ويلفيئر ايسوسيئشن جي اڳواڻن غياث الدين شاهاڻي، احمد خان جوکيو، گل حسن چانڊيو، سجاد شيخ، ڪامران دستي، ابراهيم سولنگي، فضل پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال دادو کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ڇاڇرو ۾ تعلقي اسپتال کان ڇاڇري ۽ ڏاهلي جي ملازمن گڏيل طور او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر ناٿو سنگهھ، آند ڪمار، اسلام الدين نھڙي ۽ بچل سميجو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. پڊعيدن ۾ ڊاڪٽر مبين احمد راجپوت، ڊاڪٽر اسلم قادري، ڊاڪٽر باقر لاشاري، ڊاڪٽر اشفاق راجپوت، ڊاڪٽر نزھت راجپوت ۽ ٻين بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. کپرو ۾ ڊاڪٽر شهريار قائمخاني، ڊاڪٽر خوشي رام، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار، ليڊي ڊاڪٽر چندر ڪشور ۽ ڊاڪٽر سدرا جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

ٽنڊوباگو تعلقه اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عملي ۽ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري تعلقه اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ميرپوربٺورو ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس سنڌ جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رکيو، اوپي ڊي بند رکي اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.گرينڊ هيلٿ الائنس پاران صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو. حيدرآباد، سکر، ٺٽو، مدئجي، ميروخان، ڏاهلي، مٺي، مورو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويو آھي. احتجاجن دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي مرڪزي اڳواڻن سنڌ سيڪريٽريٽ کان وزيراعلى هائوس تائين مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سنڌ پوليس تشدد ۽ لٺبازي ڪندي اسان جي مرڪزي اڳواڻن ۽ صحت کاتي جي ڪيترن ئي ملازمن کي گرفتار ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button