پاڪستانسنڌ

چمبڙ جي مغوي جي ڌاڙيلن وڊيو جاري ڪري ڇڏي،تشدد جون دانهون

چمبڙ: چمبڙ ۾ ڏيڍ مھينو اڳ نصير خان لغاري ڳوٺ مان 24 ورھين جو نوجوان دلبر لغاري موبائل فون تي عورتاڻي آواز تي ھرکجي شڪارپور پھتو ٿه ڌاڙيلن کيس اغوا ڪري ورتو هو، هاڻ ڌاڙيلن قيد نوجوان پورھيت جي وڊيو وارثن کي موڪلي ڏني آهن، جنھن ۾ نوجوان کي زنجيرن ۾ ٻڌي وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي. خبر موجب چمبڙ ويجھو ڳوٺ نصير خان لغاري مان ڏيڍ مھينو اڳ 24 ورھين جو نوجوان دلبر پٽ خير محمد لغاري عورتاڻي آواز تي ھرکجي شڪاپور ۾ ڌاڙيلن وٽ پھچي ويو ھو، جنھن جي تازي وڊيو ڌاڙيلن پاران سندس وارثن کي موڪلي وئي آھي، جنھن ۾ نوجوان جي حالت خراب آھي ۽ زنجيرن ۾ ٻڌل نظر اچي پيو، سندس ڀر ۾ بيٺل ڪلاشنڪوف وارو ڌاڙيل نوجوان کي لٺ هڻي وحشياڻو تشدد ڪري رھيو آھي، نوجوان پورھيت دانھون ڪندي پنھنجي وارثن کي ھٿ ٻڌي چوي پيو ته ڌاڙيل روز ڪيترائي ڀيرا تشدد ڪن ٿا، جنھن سبب پيٽ مان رت اچي رھيو آھي، مون کي آزاد ڪرايو وڃي. ٻئي طرف پورھيت نوجوان جي ڀا عبدالستار لغاري، مامي گل حسن لغاري ۽ ٻين گھر ڀاتين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان تمام غريب مسڪين آھيون، ڌاڙيل اسان کان 30 لک رپين جي گھر ڪئي آھي، اسان جا ڪچا گھر برساتن ۾ پڻ ڊھي ويا آھن، اسان روز پورھيو ڪندا آھيون، تڏھن گھر جي چلھه ٻرندي آھي. ھنن چيو ته اسان جي گھرن ۾ ڪھرام آھي، نوجوان جي دانھن واري وڊيو ڏسڻ کانپو اسان سخت پريشاني ۽ صدمي ۾ وٺجي ويا آھيون، اسان ايتري رقم سموري حياتي ۾ به نٿا گڏ ڪري سگھون، پورھيت مغوي نوجوان جي ڀائرن، ڀينرن ۽ گھر ڀاتين وڏي وزير ۽ آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هنن ڌاڙيلن کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوان کي آزاد ڪري رحم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button