پاڪستانسنڌ

مورو ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استاد پگهارن کان محروم، احتجاجي مظاهرو

مورو: مورو ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن 6 مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ته پگھارون ڏئي فاقاڪشي کان بچايو وڃي. ان موقعي تي صداقت ابڙو، منصور علي، راشد مشوري، آصف ڪورائي، ڪاشف سومرو ۽ ٻين چيو ته اسان کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون مليون آھن، پر اسان جي پراسيس کي ايترو ته سلو ھلايو ويو جو اسان جي ڊيٽا بيس ۽ پگھارن جي ڪا خبر چار ناھي ۽ 6 مھينا گذري چڪا آھن، ان کان اڳ پڻ اسان جي ڪم سست رفتاري سبب ھڪ سال تائين مڪمل نه ٿيو ۽ اسان آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا رھياسين. ھنن چيو ته اسان پرائيويٽ نوڪريون ڇڏي تعليم واري اداري ۾ خدمت ڪري رھيا آھيون، پر پگھارون نه ملڻ ڪري فاقاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون، ھن مھانگائي جي دور ۾ اسان دوران علائقن ۾ 40 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون آھن، پر ھاڻي اسان کي وري 14 ۽ 9 اسڪيل ۽ اپگريڊيشن جي ھٿرادو مسئلي ۾ ڦاسائي پگھارون ڏيڻ کان جواب ڏنو ويو آھي، اسان پگھارون نه ملڻ ڪري سخت پريشاني سبب احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون. ھنن حڪومت سنڌ، تعليم کاتي جي وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي جائز مسئلي کي حل ڪري رھيل پگھارون ڏئي پريشاني مان ڪڍيو وڃي. ٻئي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو. جڏھن ته ھن احتجاج ۾ نظير علي شاهھ ۽ پير مظفر خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوجوان استادن کي پگھارون ڏئي پريشاني مان ڪڍيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button