اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان آل سعود رياض ۾ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي پوليٽِڪل اينڊ سيڪيورٽي پلر جي وزارتي ڪميٽي افتتاحي اجلاس کي گڏيل طور تي صدارت ڪئي. اجلاس دوران ٻنهي ڌرين سياسي ۽ سيڪيورٽِي جي شعبن بابت مختلف معاملن تي وڏي پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ڀائپي ۽ ٻين لاڳاپن تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي قيادتن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي ماحول جو جائزو ورتو. گڏيل جاچ جي سمورن مسئلن جنهن ۾ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير افغانستان، يمن ۽ شام سميت وڌيڪ مسئلن تي هم آهنگي جاري رکڻ لاءِ پنهنجو عزم ڪيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪئي. هن علائقائي ملڪن جي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگرد گروهن جي سرگرمين کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسلسل هم آهنگي جي اهميت تي زور ڀريو. پرڏيهي وزير سائبر سيڪيورٽي دهشتگردي ۽ ان جي مالي مدد ۽ منظم جرم منشيات جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام سميت سلامتي جي شعبي ۾ پيش ايندڙ مسئلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اداري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي به روشني وڌي. ملاقات سعودي پاڪستان سپريم ڪوارڊينيشن ڪائونسل جي فريم ورڪ جي تحت ٿي جنهن جي صدارت ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير بچاءُ گهرو ۽ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس سروسز جي سينيئر اختيارن به شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close