اسلام آبادپاڪستان

اعظم سواتي تي تشدد خلاف سينيٽرن جو پارليامينٽ کان سپريم ڪورٽ تائين مارچ

اسلام آباد :پي ٽي آئي اڳواڻ اعظم سواتي تي تشدد خلاف سينيٽرن پارليامينٽ کان سپريم ڪورٽ تائين مارچ ڪيو. تفصيل موجب مارچ ڪندڙ سينيٽر اعظم سواتي کي انصاف ڏيارڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بابت نعرا هنيا. پارليامينٽ مان سپريم ڪورٽ تائين مارچ جي موقعي تي پي ٽي آئي سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته مٿئين ايوان جا سمورا ميمبر ملڪ جي اعليٰ عدليا جي اڳيان بيٺا آهن. هن چيو ته رياست ٽن ٿنڀن تي قائم آهي، رياست ڪم ڪندي آهي هڪ ضابطي جي تحت جنهن کي پاڪستان جو آئين چيو ويندو آهي. جيڪڏهن آئين پاڪستان جي تحت ادارا نه هلن ته اهو رياست نٿي هلي سگهي. اڄ هن رياست جو شفيق ماءُ جو چهرو نه پيو لڳي. هن چيو ته اعظم سواتي هڪ پارليامينٽ جو سينيئر ميمبر آهي، ان جي گهر ۾ چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪيو ۽ ان کي ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو کيس ذهني تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ٻاهران پنهنجو ڪيس کڻي بيٺو آهيان، اميد آهي ته انصاف ملندو. هن چيو ته پي ٽي آئي سينيٽ جي ميمبرن سان گڏ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران علامتي ڌرڻي جو اعلان ڪريان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button