پاڪستان

آرمي چيف ملتان گيريزن جي دوري تي پهتو، آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پشاور، سيالڪوٽ ۽ منگلا کانپو ملتان گيريزن جو دورو ڪري آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اسٽرائيڪ فارميشنز جي جوانن سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن اسٽرائيڪ فار مشنز جي مادر وطن جي خدمت ۾ غير معمولي پيشيوراڻي قابليت ۽ خدمتن کي ساراهيو. ملتان گيريزن اچڻ تي آرمي چيف جو استقبال ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي ڪيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان طرفان ٻڌايو ويو هو ته آرمي چيف قمر جاويد باجوا رٽائرمينٽ کان اڳ الوداعي دورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ هن سيالڪوٽ ۽ منگلا گيريزن جا دورا ڪيا ۽ جوانن کي خطاب پڻ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button