اسلام آبادپاڪستان

رستا ڌرڻي سبب بند هجن ته کولرائڻ انتظاميا جو ڪم آهي: هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني پي ٽي آئي لانگ مارچ بابت ڪيس جي شنوائي ۾ ريمارڪس ڏنا ته رستا ڌرڻي سان بند هجن يا ڪنٽينر سان انهن کي کولرائڻ انتظاميا جو ڪم آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج محسن اختر چيو ته پي ٽي آئي جي لانگ مارچ ۽ ان جا اڳواڻ جي گرفتاري ۽ سب جيل ۾ رکڻ جي خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن دوران چيف ڪمشنر طلب ٿيڻ جي باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو. جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو، ان دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته رستا ڌرڻن سان بند هجن يا ڪنٽينر سان انهن کي کولرائڻ انتظاميا جو ڪم آهي. عدالت سوال ڪيو ته زاهد اڪبر کي ڇو گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇو سب جيل ۾ رکيو ويو، ان تي پراسيڪيوٽر چيو ته انڊسٽريل ايريا جي ايس ايڇ او رپورٽ ڏني جنهن ۾ چيو ويو ته ان ماڻهو شر پکيڙيو آهي، جنهن تي جسٽس چيو ته ڇا اسلام آباد ۾ اهڙو ڪو واقعو ٿيو آهي پراسيڪيوٽر چيو ته نه، اڃا تائين اسلام آباد ۾ڪو اهڙو واقعو نه ٿيو آهي. ان کان پوءِ عدالت زاهد اڪبر کي بيجا جيل ۾ رکڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي کيس گرفتاري ڪالعدم قرار ڏئي ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button