لاهور ها ڪورٽ تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ فوري طور روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. لاهور هائيڪورٽ ۾ جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ روڪڻ لا داخل درخواست تي مختصر شنوائي بعد پرڏيهي وزارت، چيف سيڪريٽري پنجاب، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ آ جي پنجاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت لانگ مارچ فوري طور تي روڪڻ جي استدعا رد ڪندي چيو ته سومر جي ڏينهن سڀني لاڳاپيل ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڏينداسين. جسٽس جواد حسن چيو ته عدالت ساڳي نوعيت جي ڪيسن تي ماضي ۾ به فيصلا ڏئي چڪي آهي، اهڙي نوعيت جي فيصلي ۾ هر سياسي جماعت کي پرامن احتجاج جو حق حاصل هجڻ قرار ڏنو ويو آهي. بعد ۾ عدالت درخواست تي وڌيڪ شنوائي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close