پاڪستانعالمي

وزيراعظم ۽ عوام- ٻئي برابر، برطانوي عدالت جو شهباز شريف کي وڌيڪ مهلت ڏيڻ کان انڪار

برطانيا جي عدالت ۾ شهبازشريف ۽ ڊيلي ميل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي شهبازشريف جي حڪم امتناع واري درخواست رد ڪري ڇڏي برطانوي ميڊيا موجب ڪيس ۾ ڊيلي ميل 9 ڀيرا عدالت کان تاريخ وٺي چڪي آهي ۽ هاڻي شهبازشريف جا وڪيل عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو هو جڏهن ته عدالت شهبازشريف کي وڌيڪ وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهبازشريف جي وڪيل چيو ته وزيراعظم پاڪستان مصروف آهي، جواب جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي برطانوي عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته منهنجي عدالت ۾ وزيراعظم ۽ عام ماڻهو برابر آهن شهبازشريف ۽ ان جو ڄاٽو علي عمران اڃا تائين ڊيلي ميل جي دفاع جو جواب نه ڏئي سگهيا آهن عدالتي نوٽيس جو جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ شهبازشريف کي ڊيلي ميل جي قانوني فيس ادا ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button