پاڪستانسنڌ

عمران خان ادارن جي شرافت جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ ملڪ جي ادارن جي شرافت جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. عمران خان جيڪي غيراخلاقي ٻولي ۽ ڪوڙا بھتان پنھنجي مخالفن تي لڳائيندو هو، ساڳي ٻولي معزز جج صاحبان ۽ اليڪشن ڪمشنر خلاف به استعمال ڪئي. ھاڻي عمران خان اها ئي غيراخلاقي زبان ۽ ڪوڙي بھتان بازي پاڪستاني فوج جي اعليٰ آفيسرن خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪيريئر آفيسرن ۽ فوج جي اعليٰ عھديدارن خلاف ڪريل ٻولي استعمال ڪري ادارن ۽ سڄي ملڪ خلاف وڏي سازش ڪري رهيو آهي. عمران خان پنهنجي اسرائيلي ۽ هندستاني آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڪستان خلاف اھڙي مهم هلائي رهيو آهي. پاڪستاني فوج جي جن اعليٰ آفيسرن جا عمران خان نالا وٺي رهيو آهي انهن جو پروفيشنل ڪيريئر شاندار رهيو آهي ۽ بهترين شهرت رکندڙ آفيسر آهن. هن چيو ته جهڙي ريت عمران خان معزز عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وڌو ، هو انهن آفيسرن تي پڻ تنقيد ڪري دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو. عمران خان جو مقصد آهي ته هر ادارو هن جي ٽائيگر فورس وانگر ڪم ڪري ۽ عمران خان جي غلامي ڪري. جيڪڏهن عمران خان پنهنجن ناپاڪ ارادن کان نه ھٽيو ۽ پنهنجي زبان تي قابو ۾ نه ڪيائين ته 22 ڪروڙ عوام کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

صوبائي وزير چيو ته پوري قوم پنهنجي عدالتن ، پنهنجي فوج ۽ اليڪشن ڪميشن سان گڏ مضبوط ديوار جيان بيٺل آهي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جيتريون به حدون پار ڪيون آهن ان جو هڪ ئي سبب آهي ته عمران خان سان لڳاتار نرمي ڪئي وئي ۽ عمران خان سان لاڏلي وارو سلوڪ رکيو ويو. هوڏانهن اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عمران نيازي ميرٽ تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي ۽ پاڻ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي دوستن کي وڏن عهدن تي مقرر ڪيو هو. هن چيو ته عمران نيازي “ميرٽ” تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران نيازي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پنهنجي ذاتي دوستن کي وڏن سرڪاري عهدن تي مقرر ڪيو ۽ سينيٽ جون ٽڪيٽون به رشوت عيوض وڪرو ڪيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران نيازي جا پنهنجا نوازڻ وارا ڪيترائي مثال موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button