عثمان شاهھ ھڙي: تعلقي جهنڊومري ۾ ٻيلي کاتي جي سرڪاري ايراضي تي 7 سال اڳ پوکيل ماحول دوست وڻن جي مسلسل هڪ مهيني کان واڍي جاري آهي، بااثر لکين رپين جي ماليت جو ڪاٺ ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪن پيا، پر اختيارين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. ان سلسلي ۾ جهنڊومري جي سرڪاري ٻيلي جي 333 ايڪڙ ايراضي ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪجهھ سال اڳ سوين ايڪڙن تي ٻيلو پوکيل هو، جنهن کي بعد ۾ واڍي ڪري ختم ڪيو ويو. ٻيلي کاتي پاران 7 سال اڳ 60 ايڪڙن تي وڻ پوکيا ويا ۽ ٻيلي جي سرڪاري زمين تان قبضن خلاف وڏو آپريشن ڪري زمين آجي ڪرائي وئي هئي، تازو ئي چوماسي برساتن سبب تعلقو جهنڊومري سخت متاثر ٿيو ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل توڙي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن ۾ ايلچي ٻيلي جي وڻن کي پڻ نقصان پهتو ۽ ڪيترن ايڪڙن تي اڃان به برساتي پاڻي بيٺل آھي، برساتن بعد مبينا طور ٻيلي کاتي ۽ حد جي پوليس جي ملي ڀڳت سان لکين رپين جو ڪاٺ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو ۽ سوين وڻن جي واڍي ڪري ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي. مقامي ماڻهن موجب ٻيلي کاتي ۽ پوليس جا ڪجھه عملدار ملي ڀڳت ڪري رات جي وقت گاڏين ۾ ڪاٺ کڻي وڃي وڪرو ڪن ٿا، اسان پاران منع ڪرڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او حيدرآباد ثناالله بليدي جو چوڻ هو ته ايلچي ٻيلي ۾ مقامي ماڻهو وڻ وڍي رهيا آهن، جن جو واسطو مهڪاڻي ڌر سان آهي، جيڪي زبردستي وڻ وڍي وڪرو ڪري رهيا آهن، اسان پاران منع ڪرڻ تي اسان جي عملي تي سخت تشدد پڻ ڪيو ويو ۽ گاڏين تي ڀٿرا ڪيو ويو، اسان پوليس کي لکت ۾ ڏنو، پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، جنهن بعد اسان ڪورٽ ۾ وڻن جي واڍي ۾ ملوث 12 کان 14 ماڻهن خلاف درخواست ڏني، جنهن تي ڪورٽ انهن خلاف عمرساند پوليس کي گرفتاري جا نان بيل ايبل وارنٽ پڻ جاري ڪيا، ان باوجود پوليس کين گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي. هن چيو ته اسان ڊي آئي جي حيدرآباد کي درخواست پڻ ڏني آهي ته ڄاڻايل جا تي اسان کي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڏني وڃي. هوڏانهن عمرساند ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور جمالي جو چوڻ آھي ته ٻيلي کاتي جي عملدارن کي پاڻ اختيار آھن ته هو ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، جنهن باوجود ڪورٽ پاران نان بيل ايبل وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسان ٻيلي کاتي جي عملدارن سان 5 ڀيرا ڪارروائي لا وياسين، اسان جو ڪو به ڪاٺ وڪري ۾ هٿ ناهي. باقي ڪارروائي دوران ٻيلي کاتي جي عملدارن ملوث ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي. هوڏانهن سڄاڻ ڌرين ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته وڻن جي واڍي کي روڪي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close