شھدادپور: آزاد ڪشمير جي اڳوڻي آئي جي ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير احمد ميمڻ پريس ڪلب شھدادپور رجسٽرڊ جي صحافين سان پنهنجي فارم هائوس تي ملاقات دوران ڳالھائيندي چيو ته صحافين تي موجوده حالتن ۾ وڏيون ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، جنهن لا صحافين کي حق ۽ سچ جي واٽ وٺندي مستقبل لا هينئر کان ئي سوچ ويچار ڪرڻو پوندو ۽ صحافين کي ديني دنيائي، ملڪي، بين القوامي، تاريخي ۽ جاگرافي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لا هر وقت وسيع مطالعي جي ضرورت آھي. هن چيو ته جديد ٽيڪنلاجي ھن دور ۾ معلومات ۽ ڄاڻ جا ذريعا عام ٿي وڃڻ ڪري پرنٽ توڙي اليڪٽرنڪ ميڊيا جي اهميت ايتري معاشي طور تي مستحڪم نه رهي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪمران پنهنجن مفادن خاطر مخصوص ادارن کي اشتهار ۽ ٻيون مراعتون ڏئي ٻين نشرياتي ادارن کي غير مستحڪم ڪرڻ جو جيڪو عمل شروع ڪيو آھي، اھو تمام خطرناڪ اظھار جي آزادي لا عوام دشمن قدم آھي، جنهن سان نشرياتي ادارا معاشي ۽ لاڳو قاعدن قانونن ھٿان لاچار ٿي مجبورن ادارن جا خرچ گھٽائڻ لا صحافين ورڪرن جي ڇانٽي تي مجبور آھن، ان ڪري ڪمنٽيٽ ادارن کي عوام کي سچي ۽ حقيقي ڄاڻ ڏيڻ لا قربانيون ڏيڻيون پيون پون ته جيئن ادارا به بچي سگهن ۽ عوام ۾ ساک برقرار رھي. هن صحافين ۽ نوجوانن تي زور ڏنو ته همٿ نه هارڻ گهرجي ۽ هو سوشل ميڊيا ذريعي به پنهنجو روزگار برقرار رکي سگهن ٿا. جڏھن سياست ۾ اچڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن وراڻيو ته وقت ۽ حالتن اجازت ڏني ته هو سياست ۾ اچي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close