پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي حملي جو پلاند پوليس نرسن کان ورتو:حليم عادل شيخ

ٽنڊوالهيار/ عمرڪوٽ: پي ٽي آئي جو اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ٽنڊوالهيار پهتو، جتي هن پلهه هائوس تي ايڊووڪيٽ علي پلهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ کي ختم ڪرڻ لا سازش ڪئي وئي، پر الله هن کي محفوظ رکيو، پاڪستان جا اهم فيصلا لنڊن ۾ ٿين پيا، عمران آمريڪا کي اکيون ڏيکاريون، اهو ئي آمريڪا جنهن جي پاڪستان ۾ هميشه مداخلت رهي آهي. هن چيو ته ڪمند جو نوٽيفڪيشن آڪٽوبر ۾ جاري ٿيڻو هو، پر اڃا نه ٿيو آهي، صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد جي مذمت ڪريان ٿو، لڳي ٿو پوليس گهوٽڪي ۾ ٿيل پوليس تي حملي جو پلاند نرسن کان ورتو آهي. ٽنڊوالهيار جو دلبر لغاري اغوا ٿيل آهي، اهو به بازياب پوليس نه ڪرائي سگهي آهي. ٻئي پاسي حليم عادل شيخ ۽ اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي عمرڪوٽ ۾ مالهي هائوس تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان جنهن مقصد سان حقيقي آزادي مارچ ڪڍيو هو، انهي ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، مخالف عمران خان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ناڪام ٿي ويا، حقيقي آزادي جي ضرورت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي جي عوام کي وڌيڪ آهي، ڪراچي پريس ڪلب آڏو نرسن تي تشدد ڪيو ويو، نياڻين تي تشدد تي وزير تعليم ۽ ثقافت سردار شاھه جيڪو لوئي ۽ لڄ جو رکوالو سڏائي ٿو، ان جو انهي مسئلي تي اڃا تائين ڪو بيان سامهون ناهي آي. هن چيو ته آصف زرداري ٻوڏ متاثر جي نالي تي پوري دنيا ۾ جهولي کڻي پنندو رهيو. ٻئي پاسي حليم عادل شيخ سنڌ جي انقلابي شاعر جمن دربدر جي وڇوڙي تي روحل وا پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ سنڌ جي قومپرست اڳواڻ جي ايم ڀڳت جي والد جي وفات تي تڏي تي پهچي جي ايم ڀڳت سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ليکراج مالهي، حاجي اڪبر پلي، حاجي حسين مڱريو، ڊاڪٽر علي نواز شاهاڻي، وڪيل ڀڳوانداس ڀيل عبدالڪريم مڱريو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button