پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ ڪمند جي فصل ۾ پاڻي بيٺل، آبادگار پريشان

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهه هڙي ۾ برساتن کي 4 مهينا گذرڻ باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل پڻ پاڻي ۾ ٻڏل آهي. جڏھن ته بصر ۽ وونئنڻ واري زمين تباهھ ٿي وئي آهي. پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ ۽ وقت تي شگر مل چالو نه ٿيڻ تي بيٺل ڪمند تباهھ ٿي رھيو آھي، نئين ڪمند ۽ ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي آھي. ايندڙ سال سڄي سنڌ جيان عثمان شاهه هڙي ۾ به ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيندو. برسات دوران متاثر ٿيل اڃان تائين اھڙا ڪيترائي ڳوٺ موجود آهن، جن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، پر سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا پاڻي ڪڍرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. رهواسين ۽ آبادگارن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته فورن متاثر برساتي علائقن مان پاڻي ڪڍي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button