صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئين آرمي چيف جي مقرري بابت صلاح مشوري جي اجازت نٿو ڏئي پر جيڪڏهن مشاورت ڪئي وڃي ته ڪو حرج ناهي، مون ڪوشش ڪئي ته ڳالهيون ٿين ۽ چونڊن جو ڪو رستو نڪري اچي پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ۽ چونڊن جو به ڪو حل ناهي نڪتو. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته جڏهن ڪنٽينر ٺاهيا ويا ته اهي واپار لاءِ هئا پر اسان دنيا کي ان جو نئون استعمال به سيکاريو آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ معاملا بهتر ٿين، معاملن کي بهتر ڪرڻ ۾ جيڪي ادارا اثرائتا آهن، انهن سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، آئون ادارن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن جلد چونڊون ٿي وڃن ته اهو بهتر آهي، جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، تنهن ڪري پيغام پهچائيندو رهندو آهيان، آئين اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿو پر مان ان پوزيشن ۾ ناهيان، جڏهن ته وفاق جي حوالي سان ڪوشش آهي ته معاملا ۽ يڪجهتي خراب نه ٿئي. صدر واضح ڪيو ته عمران خان سان مشورو ڪري ڪم ناهيان ڪندو، عمران پراڻو دوست آهي ۽ مان کيس ليڊر سمجهان ٿو پر عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لا ڪوششون ڪري رهيو آهيان. عمران خان تي حملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت سوال جي جواب ۾ عارف علوي چيو ته اسان هر ڪم عدالت تي وجهندا آهيون ۽ جڏهن فيصلو اچي وڃي ته اهو مڃيندا به نه آهيون، معاملو اهو ٿي ويو آهي جو ادارن تي ڀروسو ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته اهي سياسي طور تي استعمال ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مفاهمت ذريعي چونڊن ڏانهن وڃڻ ۾ ڪو حرج ناهي، جمهوريت ادارن جي ڪري ئي هلندي آهي، ملڪ ۾ مارشلائون به رهيون پر خوشي آهي ته هاڻي جمهوريت هلي رهي آهي، ادارا ڪمزور نه آهن، ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪنهن به ملڪ ۽ خاص طور تي وڏن ملڪن سان لاڳاپا بگاڙڻ نٿو چاهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close