تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري کي ڪڏهن به تڪراري ناهي بڻايو، مون کي نه پنهنجو آرمي چيف گهرجي، نه ڪو جج ۽ نه ئي نيب چيئرمين گهرجي، فقط ميرٽ جي ڳالهه ڪندو آهيان. لالا موسيٰ ۾ لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته لنڊن ۾ هڪ تماشو ٿي رهيو آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ناهي ٿيندو، وزيراعظم ۽ ٻيا گذريل چئن پنجن ڏينهن کان لنڊن ۾ موجود آهن ۽ اتي وڃي فيصلو ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان جو آرمي چيف ڪير هوندو، چورن جو ٽولو لنڊن ۾ ملڪ جي سڀ کان اهم عهدي ۽ مستقبل جا فيصلا ڪري رهيو آهي، اهو سڀ ڇا ٿي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون تي الزام لڳايو ويو ته مون آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، مون ته ائين ڪڏهن به ناهي ڪيو، فقط اهو چوندو آهيان ته جيڪو ميرٽ تي پورو لهي ان کي آرمي چيف بڻائڻ گهرجي، مون کي ته ڪو پنهنجو فوجي سربراهه نه گهرجي، نه مون کي پنهنجو ڪو جج، نه نيب چيئرمين ۽ نه ئي ڪو آ جي گهرجي، مون کي ميرٽ تحت بهترين ماڻهو گهرجن، شريف ڀائر چاهيندا آهن ته هر ماڻهو انهن جو پنهنجو هجي، شهباز شريف جنهن شخص کي اسلام آباد جو آ جي بڻايو، ان کي سيف سٽي ڪيس ۾ سزا ٿيڻ واري هئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪنهن مهذب ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته روپوش شخص ملڪ جا فيصلا ڪري، سزا ماڻيندڙ شخص ۽ سندس پٽ احتساب کان ڀڄي ويا ڇو جو سندن ٻاهر ملڪيتون آهن، ڊيلي ميل ڪيس بابت شهباز شريف کي ڀُل آهي ته برطانيا ۾ سندس مرضي موجب فيصلو ٿيندو، شهباز شريف تي ڊيلي ميل طرفان چوري جو سنگين الزام مڙهيو ويو آهي، هو نٿو ڄاڻي ته هن دفعي ڪٿي ڦاٿو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close