پاڪستانسنڌ

موسمي تبديلين پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

ڪراچي: پاڪستان کي گلوبل وارمنگ جي ڪري 14.9 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته ماحول بابت مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر ۽ جامع رٿابندي جي ضرورت آهي، هلندڙ سال جي ٻوڏ بابت پوسٽ ڊزاسٽر نيڊز اسسٽمينٽ رپورٽ مطابق ٻوڏ سان ٿيل سڌي نقصان جو ڪاٿو 14.9 ارب ڊالر لڳايو ويو. جڏهن ته ڪل معاشي خسارو 15.2 ارب ڊالر جو ٿيو آهي، جيڪو ملڪي معيشت کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيندڙ نقصان آهي، عالمي بئنڪ پاران جاري ڪيل ڪنٽري ڪلائمينٽ اينڊ ڊيولپمينٽ رپورٽ جيڪا هن ئي مهيني جاري ڪئي وئي آهي ۾ پاڪستان بابت چيو ويو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ بحالي، مرمت ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن تي گهٽ کان گهٽ 16.3 ارب ڊالر جي خرچن جو اندازو لڳايو ويو آهي. پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ 3.7 کان 4.0 سيڪڙو اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته وڌيڪ 84 لکن کان 91 لک ماڻهو غربت جي ڄار ۾ ڦاسي پوندا. موسمي تبديلين پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ڇو ته پاڪستان وٽ گليشئرز جي صورت ۾ سڄي دنيا ۾ برف جا ٽين نمبر تي سڀ کان وڏا ذخيرا آهن ۽ ٻئي پاسي ملڪ ۾ گرمي وڌڻ سبب پارو مسلسل مٿي وڃي رهيو آهي، پاڪستان بزنس فورم جي ڊاڪٽر عروه الاهي ٻڌايو ته هڪ پاسي ته وڌندڙ گرمي پد عربي سمنڊ کي گرمائي رهيو آهي. ٻئي پاسي گليشيئر ڳرڻ جي ڪري به پاڪستان لاءِ ماحول بابت مسئلن جي سنگيني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button