پاڪستان

روس کان تيل خريد ڪنداسين، آمريڪا اسان کي روڪي نٿو سگهي:اسحاق ڊار

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي گذريل حڪومت ڊالر کي آزاد ڇڏي ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اسان ڊالر ۽ رپئي جي ملهه ۾ توازن آڻي ڊالر کي 200 رپين کان به هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جلد روس کان تيل خريد ڪيو ويندو، آمريڪا کي چئي ڇڏيو آهي ته هو اسان کي روس کان تيل خريد ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهي. دبئي ۾ ميڊيا ڪانفرنس ۽ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل مهيني آمريڪي دوري دوران منهنجي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ روس کان تيل خريد ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان آمريڪي عملدارن کي چيو ته اوهان اسان کي روس کان تيل خريد ڪرڻ کان روڪي نٿا سگهو، ڇو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت به روس کان تيل خريد ڪري رهيو آهي، ڄاڻايل ملاقات ۾ طئي ٿيو ته اسان روس کان تيل خريد ڪري سگهون ٿا، امريڪي عملدارن چيو ته اهو جي-7 جو هڪ پليٽ فارم ٺاهڻ وارا آهن، هي پليٽ فارم روس کان تيل خريد ڪرڻ جي اگهه جو تعين ڪندو، ان کان مٿي قيمت تي روس کان تيل ڪير خريد نه ڪري. هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ڀارت سان جيڪي روس جا شرط آهن انهن ئي شرطن يا ان جي لڳ ڀڳ شرطن تي روس کان تيل خريد ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اوهان ڏسندا ته پاڪستان جي حق ۾ حڪومت اهم قدم کڻندي، اسان جا سعودي عرب، چين ۽ يو اي اي سان مالي معاملا آهن ان دوري دوران به منهنجون يو اي اي جي عملدارن سان ملاقاتون ٿيون آهن، وزيراعظم جي سعودي عرب ياترا دوران سعودي عملدارن سان به ملاقاتون ٿيون، اوهان ڏسندا ته انهن ملاقاتن سان به پاڪستان لاءِ وڌيڪ بهتري ٿيندي. اسحاق ڊار چيو ته ملاقاتن جو ڪل نتيجو اهو آهي ته سعودي عرب پاڪستان ۾ گوادر اندر هڪ ريفائنري لڳائيندو، سعودي عرب جي اٽڪل 11 يا 12 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آهي، هن منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2015ع ۾ ٿي هئي، بعد ۾ سياسي بحران ۽ حڪومت تبديل ٿيڻ ڪري ريفائنري لڳي نه سگهي هئي، هاڻي ٻيهر ريفائنري لڳائڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ڊالر کي آزاد ڇڏي ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، گذريل حڪومت جي چئن سالن ۾ معيشت تباهه ڪئي وئي، پاڪستان سنگاپور بدران سريلنڪا بڻجڻ جي ويجهو پهچي ويو هو، رياست بچائڻ لاءِ حڪومت تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اسان عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ان سان گڏ تيل جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهيا آهيون، ڊالر جي قيمت وڌڻ سان ملڪي قرضن ۾ 4 هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو، ڊالر ۽ رپئي جي ملهه ۾ توازن پيدا ڪنداسين ۽ ڊالر کي 200 رپين کان گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان جي حڪومت پرعزم آهي ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي ملهه کي بهتر ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف معيشت کي وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ معاشي سڌارن تي عمل ڪري رهيو آهي، هلندڙ مالي سال ۾ 32 کان 34 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي ۽ اها اميد آهي ته هي رقم جمع ڪئي ويندي، آ ايم ايف جو پروگرام پورو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button