تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آمريڪي سازش واري موقف تان وڏو يوٽرن وٺي روس جي دوري کي پنهنجي وڏي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو. برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان سائيفر جي موقف کي ماضي جو حصو ڪوٺيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ سازش جو بيانيو گذري چڪو، هاڻي اهو پٺتي رهجي ويو، آئون هاڻي آمريڪا تي الزام نٿو مڙهيان، واشنگٽن سان باوقار لاڳاپا چاهيان ٿو، ٻيهر وزيراعظم ٿيس ته آمريڪا سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهيندس. هن چيو ته يوڪرين تي روسي حملي کان هڪ ڏينهن اڳ ماسڪو جو دورو منهنجي وڏي غلطي هئي، منهنجي مستقبل جي منصوبن ۾ پاڪ فوج تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اهڙي پاڪستان جي اڳواڻي ڪرڻ چاهيندس جنهن جا سڀني سان ۽ خاص طور تي آمريڪا سان سٺا لاڳاپا هجن، آمريڪا سان آقا ۽ غلام واري تعلق ۾ آمريڪا نه پر پنهنجي حڪومتن کي ڏوهي سمجهان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته نئين سپر سالار جي مقرري ميرٽ تي ڏسڻ چاهيان ٿو. هوڏانهن کاريان ۾ لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت ستن مهينن اندر عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪو به سفارتي فائدو ناهي ڪرايو، ڪنهن سان به جهيڙو نٿو چاهيان، آمريڪا سان به هندوستان واري پرڏيهي پاليسي چاهيان ٿو. هن چيو ته منهنجي حڪومت دوران 4 لانگ مارچ ٿيا، ڇا اهي غير جمهوري هئا؟ سندن لانگ مارچ اين آر او حاصل ڪرڻ لا هئا، انهن کي اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ جو ڊپ آهي، جڏهن منهنجي آڇ ڪرڻ باوجود اي سي ايل ۾ نالو نٿا وجهن، ان جو سبب اهو آهي ته انهن جو پئسو، خريداري ۽ علاج سڀ ڪجهه پرڏيهه ۾ ٿيندو آهي ۽ منهنجو سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ ئي آهي. حڪومتي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 7 مهينن ۾ صنعتون بند ٿي چڪيون آهن، هر پاڪستاني پريشان آهي، موجوده حڪومت 3 مهينن ۾ ان کان وڌيڪ قرض کڻي ورتو، جيڪو اسان 9 مهينن ۾ ورتو هو، لانگ مارچ جو مقصد قوم کي جاڳائڻ آهي، اسان جيڪڏهن نوجوانن کي آئيني طريقي سان احتجاج نه سيکاريو ته هي ملڪ سريلنڪا بڻجي ويندو، شڪر ڪريو ته اسان لانگ مارچ ۽ آئين وچ ۾ رهندي عوام جي ڪاوڙ کي 7 مهينن کان اهڙي ريت کڻي وڃي رهيا آهيون ۽ اهي اڃا تائين پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، منهنجو ڪنهن سان به جهيڙو ناهي، آئون آزاد پرڏيهي پاليسي چاهيان ٿو، اهڙي پاليسي جيڪا پاڪستان ۽ پاڪستانين جي مفاد ۾ هجي، اسان آمريڪا سان هندوستان واري پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا. تحريڪ انصاف سربراهه هڪ دفعو ٻيهر چيو ته ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي، جڏهن ته لنڊن ۾ ويٺل شخص ان ڳالهه جو حامي ناهي، ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته پي ڊي ايم کي شڪست ايندي. اڳوڻي وزيراعظم اعليٰ عدالتن جي ججن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي انصاف نه پيو ملي، قوم وزيراعظم کي نه پر سپريم ڪورٽ کي سڃاڻي ٿي، عدالت کي ارشد شريف جي معاملي ۾ انصاف فراهم ڪرڻو پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close