حيدرآباد: هيلٿ گرينڊ الائينس جي سڏ جي صحت کاتي جا ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھن، ڪالهه به مختلف شهرن ۾ اسپتالن جو او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ صحت کاتي جي ملازمن جو احتجاج جاري آهي، ملازمن طرفان رسڪ الائونس، ڊينٽل ڊاڪٽرز جون سيٽون وڌائڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ پرامن صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، حڪومت ظلم ڪري رھي آھي، اسان جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو. لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ الائينس جي سڏ تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار علي سهتو، نظير احمد جتوئي، ميڊم روبينه، ميڊم ريشمان لانگاهه، غلام حسين لانگاهه، برڪت علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ۽ مڪمل تالابندي ڪري سول اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن تان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. دادو ۾ مڪمل ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي علامتي بک هڙتال تي ويٺا، مظاهرين ڊاڪٽر شيراز ڏاوڇ، ڊاڪٽر محمد بخش بلوچ، ڊاڪٽر منظور هنڱورو، امتياز چانڊيو, عارف لغاري، ثمينه لاشاري، شهناز سومرو، امداد عباسي، امان الله پنهور، رشيده ملاح، مجيد جهتيال، رمضان سولنگي، نجمه حيسني، گل حسن چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو. حيدرآباد رسڪ الائونس ختم ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو،
حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جي ملازمن اڳواڻي فهد قريشي، احمد لوڌي، سيد شهروز، يعقوب ۽ پريٽ آباد اسپتال جي عملي گلزار شاهه، اشوڪ ڪمار، سنجي ڪمار ۽ پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. بدين ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ينگ نرسز ايسوسيئيشن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان الهبچايو انڙ اوڀايو پنهور رابرٽ جان جي ايم جاکرو شاهده قمبراڻي ڪمال خاتون پنهور جي اڳواڻي ۾ پريس بدين اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. سکر، ميرپورخاص، ٺٽو، ڏهرڪي، مدئجي، خيرپور، چمبڙ ۽ پڊعيدن ۾ مظاهرا جاري آھن، جڏهن ته ميروخان ۾ صوبائي وزير جو علامتي جنازو ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ٿاڻوبولاخان تعلقه اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال کي تالا لڳايا ويا، مريض دربدر ٿي ويا، ملازمن ڊاڪٽر پريم ڪمار، ڊاڪٽر شعيب ميمڻ، ڊاڪٽر جئه ڪمار، ميڊم شاندار پالاري، عذره خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ تلقه اسپتال کان مين روڊ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. منهڙو ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن جو ڊاڪٽر آفتاب احمد ڏاهري، احسان جمالي، ڊاڪٽر علي حيدر ڀٽي، سيد صابر حسين شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منهڙو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪوٽڙي ۾ بلاول ميڊيڪل اسپتال کان پيادل مارچ ڪري ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي اڳيان ڌرڻو ھڻي زوردار نعاريبازي ڪئي، ان موقعي تي ليڊي ھيلٿ ورڪرن زيب النسا جوڻيجو، صنم ملاح، عبدالله سومرو، قيوم راھوجو ۽ ٻين خطاب ڪيو. تلھار ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ليڊي هيلٿ سپروائيزر هيلٿ ورڪرز ۽ عملي پاران پلي ڪارڊ کڻي اسپتال کان عوامي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻي علي خان کوسو، رشيد ملاح، فرزانه جتوئي، زينت ملاح ،رازو منگهواڻو ۽ ٻين ڪئي. ماتلي ۾ تعلقي اسپتال کان پريس ڪلب تائٔين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي راشدا نظاماڻي، ڪزبانو، شڪيلا عباسي، گلشن، روشن، شاھه محمد ڀرڳڙي، علي ڏنو ۽ ٻين ڪئي.