ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواستن جي شنوائي دوران وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. شنوائي دوران صوبائي اليڪشن ڪمشنر 15 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي ڇڏي آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست جي شنوائي ٿي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان، ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار ۽ وسيم اختر سميت ٻيا اڳواڻ پيش ٿيا. عدالت ۾ چيف سيڪريٽري، صوبائي اليڪشن ڪميشن، ايڊووڪيٽ جنرل، آئي جي سنڌ به پيش ٿيو. جماعت اسلامي پاران عثمان فاروق ايڊووڪيٽ، ايم ڪيو ايم طرفان طارق منصور ايدووڪيٽ سميت ٻيا وڪيل پيش ٿيا. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ رينجرز جي نمائندي سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي. عدالت پاران آءِ جي سنڌ کان سوال ڪيو ويو ته توهان پاران مڪاني چونڊن دوران سيڪيورٽي لاءِ ڪيتري فورس ڏني ويندي. آءِ جي غلام نبي ميمڻ جواب ڏنو ته عدالت جيتري فورس چوندي اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، چيف جسٽس صوبائي اليڪشن ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان مڪاني چونڊون ڪيترن ڏينهن ۾ ڪرائي سگهو ٿا؟ جنهن تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چيو ته اسان کي 15 ڏينهن گهرجن اسان اليڪشن ڪرائي ڇڏينداسين. عدالت چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي روسٽرم تي گهرائي ورتو. آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته اسان وٽ مڪمل فورس هڪ لک 18 هزار آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته دفاعي نمائش ۾ ڪيتري نفري آهي. آئي جي سنڌ چيو ته ايڪسپو ۾ 3000 نفري مقرر آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ موقف ڏنو ته ٻه اهم مسئلا سامهون آهن، پوليس ۽ رينجرز سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان قاصر آهي.
جسٽس يوسف علي سيد پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڇا چاهيو ٿا اسان ٽيوشن ڪلاسز ڪرايون؟ ڪوچنگ به ڏيون؟ ايڊووڪيٽ جنرل موقف ڏنو ته اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، صوبائي حڪومت جو نه آهي، اسان پهرئين مرحلي جي اليڪشن ڪرائي چڪا آهيون، هاڻي به ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. اليڪشن ڪميشن سڀاڻي ڪرائي ڇڏي ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون پر اسان زميني حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين ۽ زميني حقيقتن جو جائزو وٺي فيصلو ڪري. اليڪشن ڪميشن وٽ آئيني اختيار آهي، هو پاڻ فيصلو ڪري. ايم ڪيو ايم جي وڪيل طارق منصور ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته اسان کي به ٻڌو وڃي. چيف جسٽس ايم ڪيو ايم جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اليڪشن چاهيو ٿا يا نه؟ طارق منصور ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته اسان جي درخواست ڏسو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي اهو نه گهرجي اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڇا چاهيو ٿا. عدالت خواجه اظهار ۽ وسيم اختر کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خواجه صاحب اوهان ويهي رهو. اڳوڻا ميئر صاحب اوهان به ويهي رهو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان دليل ڏيو يا وڪيل کي ڳالهائڻ ڏيو. ٻنهي کي اجازت نٿا ڏئي سگهون. ايم ڪيو ايم جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان جو بنيادي خدشو اهو آهي ته ترميمن کانسواءِ شفاف اليڪشن نٿي ٿي سگهي. اسان کي اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته دفاعي نمائش جي ڪري به سيڪيورٽِ جا مسئلا آهن، سڀاڻي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ڌرين کي گهرايو ويو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو مسئلو ڇا آهي؟ کلي ٻڌايو. طارق منصور ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي تڪبندين ۽ ووٽر لسٽن بابت درخواستون التوا هيٺ آهن.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان چاهيو ٿا ته اليڪشن بعد ۾ ٿئي پهرين اوهان جا معاملا حل ٿين؟ اوهان چاهيو ٿا اليڪشن نه ٿئي؟ عدالت جماعت اسلامي جي وڪيل کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان ماڻهو پرسنل نه ٿيو، هر ڪنهن جو حق آهي، پنهنجي ڳالهه ڪري. ايم ڪيو ايم جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان جي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۽ فيصلي بابت اهم درخواست التوا هيٺ آهي. اليڪشن ڪميشن ڪورم مڪمل نه ٿيڻ جي باوجود اهم فيصلا ڪيا. جيڪي غيرقانوني ۽ بنا جواز آهن. قانونن ۾ ترميمن لاءِ سليڪٽ ڪميٽي بڻجي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان به ڪم ڪري رهي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان جو چوڻ آهي ته ترميمن کان اڳ اليڪشن نه ٿئي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي بلدياتي ادارن کي بااختيار بنائڻ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. پي ٽي آئي جي وڪيل عبدالوهاب بلوچ موقف ڏنو ته 3 ڀيرا اليڪشن ملتوي ڪئي وئي، چون ٿا ته نفري گهٽ آهي ۽ لانگ مارچ لاءِ 6 هزار نفري اسلام آباد اماڻي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن وٽ مڪمل اختيار آهي، ترت اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي اهڙي ئي درخواست سپريم ڪورٽ رد ڪري چڪي آهي. درخواست ۾ اليڪشن روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، سمورا نقطا سپريم ڪورٽ رد ڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ ۾ چيو هو ته ترميمون ٿيڻ تائين اليڪشن روڪي وڃي. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فوري بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهجي ٿو، روڪڻ لاءِ درخواست نٿي ڪري سگهجي. سمورن وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوط ڪري ورتو.