نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ضلع جي مختلف علائقن مان برساتي ۽ شھر مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پريس کان ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌو نواز گھانگھرو، ماھه نور شيخ، حمز علي چانڊيو، حبيب مشوري ۽ ٻين چيو ته ضلع نوشهروفيروز جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو، جنھن سبب متاثرن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، متاثرن کي هينئر تائين ٽينٽ نه ملي سگھيا آھن، جنھن ڪري سياري ۾ متاثرن کي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو. ھنن وڌيڪ چيو ته ٻاهران آيل امداد متاثرن تائين ناھي پھچي سگھي، پاڻي نيڪالي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪيا ويا آھن، نوشهروفيروز شھر ۾ پڻ گندو پاڻي بيٺل آهي، جنھن ڪري شھري وڏي عذاب ۾ مبتلا آھن پر انتظاميا اگھور ننڊ پيل آهي. ھنن چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪري متاثرن جي سھائتا ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close