لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ۽ مظاهرن خلاف درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت جڏهن ته ريمارڪس ڏنا ته ڪوبه هن ملڪ جون نسون بند نٿو ڪري سگهي. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن ڪيس شنوائي ڪئي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مظاهرن سبب ماڻهو مشڪل ۾ آهن، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس دليل ڏيندي چيو ته اسان کي هن ڪيس ۾ ڌر ناهي بڻايو ويو جڏهن ماڻهن کي حق نه ملن ته مظاهرن کانسواءِ ڪو به ٻيو رستو نٿو بچي، ملڪ جي معاشي حقن جو تحفظ ڪرڻ ضروري آهي، ملڪ جو هن وقت ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي. جسٽس جواد حسن چيو ته جيستائين عدالتون ويٺيون آهن جمهوري حقن جو تحفظ ڪنداسين، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته حالتون اهي آهن ته هڪ شخص کي گوليون لڳي رهيون آهن ۽ ڪيس داخل نٿو ٿئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اها پنجاب حڪومت جي ذميواري آهي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته هڪ مضبوط جي آئي ٽي ٺهي ته پتو پوي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اوهان جي آئي ٽي ٺاهيو، صوبي ۾ اوهان جي حڪومت آهي. جسٽس جواد چيو ته اسان چاهيون ٿا ته مظاهرا پرامن ٿين. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان پنجاب حڪومت کي امن امان تي ضابطي لاءِ لکيو هو ۽ چيو هو ته موٽر وي کولي ڇڏيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هن ڪيس کي عوامي مفاد ۾ ڏسڻو آهي، پنجاب ۾ هڪ موٽر وي ۽ ٻيو جي ٽي روڊ اهم رستا آهن، ٻئي رستا صوبي جون ساهه واريون رڳون آهن، جن مان هڪ کي مڪمل بند ڪيو ويو آهي. جسٽس جواد چيو ته ڪير به هن ملڪ جون نسون بند نٿو ڪري سگهي. عدالت تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ خلاف درخواست تي شنوائي ملتوي ڪندي ڌرين کي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close