پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ميرواهه گورچاڻي جو رهواسي پورهيت ڦر مزاحمت تي قتل

ميرواہه گورچاڻي: ڪراچي ۾ ميرواهه گورچاڻي واسي پورهيت کي ڦورن قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ميرواھه گورچاڻي ڀرسان ڏهون ميل اسٽاپ جو رهواسي 25 سالن جو نوجوان عبدالباسط ولد دلاور گورچاڻي جيڪو پيٽ جي بک اجھائڻ لاءِ ڪمائڻ لا ڪراچي ڪورنگي واري علائقي 5 نمبر ۾ مزدوري ڪندو هو، جيڪو مزدوري تان واپس رهائش واري هوٽل اچي رهيو هو ته رستي ۾ ٻن نامعلوم موٽرسائيڪل ڦورن کائنس موبائل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان مزاحمت ڪئي ته ڦورو پسٽل جا سڌا فائر ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، واقعي بعد علائقي واسي عبدالباسط گورچاڻي کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته نوجوان رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد اسپتال مان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن نوجوان جي قتل جي اطلاع تي سندس گهر ڏهون ميل موري ۾ ڪهرام مچي ويو. مقتول نوجوان عبدالباسط جي والد دلاور گورچاڻي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ کين سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان ايس ايڇ او زمان ٽائون رضوان پٽيل ٻڌايو ته مقتول نوجوان کي انڄاتل هٿياربندن موبائل فون ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. مقتول جي وارثن مطابق مقتول نوجوان 600 رپيا ڏهاڙي تي هوٽل ٻاهران برگر جي مزدوري ڪندو هو، مقتول چئن ڀينرن ۽ ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو هو. گهرڀاتين مطابق عبدالباسط گهر مان نڪري پنڌ کير وٺڻ وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن جوابدارن عبدالباسط کان موبائل فون ڦر ڪرڻ چاهي ۽ مزاحمت تي گولي هلائي ڇڏي. هن ٻڌايو ته هٿياربندن 5 هزار رپين جي موبائل فون لاءِ پورهيت کي گولي هڻي قتل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button