پاڪستان

روپوش شخص سيڪيورٽي بابت فيصلا ڪيئن پيو ڪري،قانوني ڪارروائي ڪنداسين:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ ائين ٿيندو آهي جو سيڪيورٽي بابت ڪو روپوش شخص فيصلا ڪري؟ ان معاملي تي قانوني ڪارروائي ڪنداسين، وڪيلن سان مشورو ڪري رهيو آهيان، نواز شريف پاڪستان لا نه پر پنهنجي ذات خاطر چونڊن ۾ دير ڪري رهيو آهي. منڊي بها الدين ۽ جڙانوالا ۾ لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جهڙي حساس معاملي تي وزيراعظم هڪ روپوش جوابدار سان ڪيئن مشاورت ڪري سگهي ٿو؟ هڪ روپوش شخص کان مشورو وٺڻ سرڪاري سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي، نواز شريف ميرٽ تي نه پر پنهنجو مفاد ڏسي رکندي آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪندو، شهباز شريف خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ وڪيلن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مون تي ٿيل حملي واري معاملي تي پنجاب پوليس اسان جي نه پر طاقتور ڌرين جي ڳالهه ٻڌي ۽ ايف آر داخل نه ڪئي، قانون جي حڪمراني کانسواءِ ملڪ ۾ خوشحالي نٿي اچي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هڪ پروپئگنڊا سيل ويهاريو ويو آهي، جيڪو صحافين کي فيڊ ڪري ٿو، پرڏيهي ميڊيا کي آئون جيڪو به انٽرويو ڏيندو آهيان، ان مان ڪجهه شيون ڪڍي پو ان جو ٻيو مطلب ڪڍندا آهن، ملڪ جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته جنهن ماڻهو جو مفاد پاڪستان سان ملي ئي نه ٿو، اهو پنهنجي ذات لا چونڊن ۾ دير ڪري رهيو آهي، اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڇا اهڙي ماڻهو کي ايترا اهم فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي؟ بالڪل نه ڏيڻ کپي. هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس اها تائيد ڪئي ته مداخلت ٿي آهي، جڏهن اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته اسان پاڻ اهو ئي چاهيون ٿا ته اسان جا لاڳاپا سٺا هجن، اسان جا ناتا جيترا سٺا هوندا، اوترو ئي دشمنيون گهٽ هونديون ۽ واپار ڪنداسين، ان سان خوشحالي به ايندي، آئون اها ڳالهه گذريل 26 سالن کان چئي رهيو آهيان ته اسان سڀني سان دوستي چاهيون ٿا پر غلامي ڪنهن جي به نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button