ڪراچي: ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران قبضامافيا فائرنگ ڪري مٺياڻي واسي منگهو پير جي مختيارڪار اعجاز چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ ضلعي تپيدار ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي 3 اهلڪارن سميت 5 ماڻهو به زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ سرجاني ٽائون جي ڳوٺ روزي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران قبضا مافيا فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ مختياڪار منگهو پير اعجاز چانڊيو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مٺياڻي کڻائي ويا. مقتول عوامي نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر اختر چانڊيو جو ڀا هو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته سرجاني ٽائون روزي ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران فائرنگ ڪئي وئي. اينٽي انڪروچمينٽ آفيسرن ٻڌايو ته فائرنگ سبب مختيارڪار اعجاز چانڊيو زخمي ٿي پيو، جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فائرنگ سبب ضلعي تپيدار سميت 2 ماڻهو زخمي به ٿيا. اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن مطابق پٿر لڳڻ سان 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون اولهه ضلعي حددخلين خلاف ڪارروائي لاءِ خط لکيو هو. عملدارن ٻڌايو ته جيئن ئي عملي ڪم آپريشن شروع ڪيو ته فائرنگ شروع ٿي وئي. پوليس مطابق زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي مختيارڪار جي قتل واري اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ٻئي پاسي عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، رشيد سڌايو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، خادم ٽالپر، غلام قمبر حاجاڻو، ادي نظير قريشي، شهزادي ڀرڳڙي، وجدان سيال، گلاب راءِ ۽ دريا خان شيخ پنهنجي بيان ۾ مختيارڪار جي قتل جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته شهيد اعجاز جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close