اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي ميمبرن جو پارليامينٽ هائوس کان سپريم ڪورٽ تائين مارچ

اسلام آباد :پي ٽي آئي جي سينيٽر شهزاد وسيم جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آئي ميمبرن پارليامينٽ هائوس کان سپريم ڪورٽ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو. پي ٽي آئي جي احتجاج ۾ سينيٽر وليد اقبال، سيمي ايزدي، شبلي فراز، اعظم سواتي سميت پي ٽي آئي جا ٻيا سينيٽر شريڪ ٿيا. پي ٽي آئي سينيٽرز پارليامينٽ کان سپريم ڪورٽ ڏانهن واڪ ڪيو. پي ٽي آئي سينيٽرز اعظم سواتي کي انصاف ڏيو جا نعرا ۽ کين هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان، اعظم سواتي ۽ ارشد شريف سان ٻڌي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اهڙين حالتن ۾ ڏسڻو پوندو ته اهڙا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن. سينيٽر شبلي فراز چيو ته پارليامينٽ کي گهر جي نوڪرياڻي بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ کي پنهنجو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سينيٽر وسيم شهزاد چيو ته سمورا سينيٽر سپريم ڪورٽ ٻاهران انصاف لاءِ بيٺا آهن. رياست شهري جي محافظ آهي، آئين چوي ٿو ته سمورا شهري قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهي. هن چيو ته سوال آهي ته ڇا سمورا قانون لاءِ برابر آهي جواب آهي نه، آئين چادر چارديواري جو تحفظ ڏي ٿو. هن چيو ته عمران خان تي سوال اٿاريندڙن کي چوان ٿو شرم ڪريو. سينيٽر وسيم شهزاد چيو ته عمران خان جي زخمن جا نشان ڪالهه پوري قوم ڏٺا، ارشد شريف جو آواز بند ڪرڻ لاءِ کيس قتل ڪيو ويو. هن چيو ته اسان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سينيٽر اعظم سواتي کي انصاف ڏيڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته آئين چوي ٿو ته اوهان جي چادر ۽ چوديواري جي حفاظت ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button