پاڪستانسنڌ

مختيارڪار اعجاز چانڊيو مٽي ما حوالي، وارث لڙڪ لاڙيندا رهيا

نوان جتوئي: ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل مختيارڪار منگهو پير اعجاز علي چانڊيو جي جنازي نماز نوان جتوئي ڀرسان درگاهھ سيد علي گوھر شاھه ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تدفين دوران مقتول جا وارث اوڇنگارون ڏئي لڙڪ لاڙيندا رهيا. جڏھن ته علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل ھو. ٻئي پاسي مقتول جو تڏو ڳوٺ مير محمد چانڊيو ۾ وڇايو ويو آھي، جتي سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button