پاڪستانسنڌ

صالح پٽ ۾ ٽن مغوين جي بازيابي لا سماجي تنظيم جو مظاهرو

صالح پٽ: صالح پٽ جي 9 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل ٽن پورهيتن جي بازيابي لا اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته کوسو تعلقه پريس ڪلب صالح پٽ پهچي سماجي اڳواڻن ۽ مغوين جي وارثن غلام مصطفيٰ شيخ، مجاھد شاھه ۽ ٻين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شائسته کوسو ڳالهائيندي چيو ته صالح پٽ جي مغوين مرتضيٰ شيخ، نديم شيخ ۽ گلزار شاھه کي اغوا ٿئي 9 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر پو به پوليس مغوين کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي، جڏهن ته ڌاڙيل وارثن کان 26 لک ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن، سکر، شڪارپور، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جا ايس ايس پيز وارثن کي در در گهمائي رهيا آهن. هنن مغوي نوجوانن جي بازيابي جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button