پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ جيل جي قيدين کي کارو پاڻي ۽ غير معياري کاڌو فراهم، اڪثر بيمار

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ سب جيل زبون بڻجي مسئلن جي ور چڙهي وئي. انگريز دور ۾ عمر سومري واري قلعي ۾ قائم ٿيل سب جيل جي پراڻي عمارت زبون ٿيڻ بعد جيل کاتي 2005ع ۾ ڊي سي آفيس ڀرسان ٻن ڪمرن تي نئين عمارت تعمير ڪرائي. جيل انتظاميا پاران ٻڌايو ويو ته ھن وقت جيل ۾ چار بيرڪون آھن، جن ۾ ٽوٽل 58 قيدي موجود آھن، ھر بيرڪ ۾ 10 کان 12 قيدي رکڻا ھوندا آھن، پر بيرڪ گھٽ ھجڻ سبب ھن وقت ٻن وڏين بيرڪن ۾ 45 ۽ ٻن ننڍين ۾ 13 قيدي رکيا ويا آھن، جيڪي گنجائش کان وڌيڪ آھن، جيل ۾ قيدين توڙي پوليس عملي لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو ڪو نظام نه هئڻ برابر آهي، قيدين کي کارو پاڻي ڏنو وڃي ٿو، ميونسپل انتظاميا جي نااھلي سبب مٺو پاڻي پھچي ئي نٿو. ٻئي طرف جيل جي سيڪيورٽي تي مقرر پنج پوليس اھلڪارن جي رھائش لا هڪ به ڪمرو ناھي، ھڪ ڪمرو جيل انچارج ۽ جمعدار حوالي ٿيل آهي، باقي اھلڪار گرمي توڙي ٿڌ جي موسم ۾ جيل اندر لڳل ٽينٽ يا جيل جي ڇت تي سمھندا آھن. جيل جي سيڪيورٽي گھٽ ھجڻ سبب قيدين کي مسلسل بيرڪن ۾ ئي رکيو ويندو آھي. ان سلسلي ۾ قيدين ٻڌايو ته جيل ۾ کاڌو بھتر نٿو ڏنو وڃي، پاڻي به کارو اچي ٿو، ڪڏھن ڪڏھن مٺو پاڻي نصيب ٿيندو آھي، جنھن سبب اڪثر قيدي پيٽ ۾ سور جي شڪايت ڪندا رھن ٿا، جيل ۾ ڪيسن جي ٽرائل تائين قيدي کي رکيو ويندو آهي، ٽرائل ختم ٿيڻ بعد سزا ملڻ تي قيدين کي سينٽرل جيل ميرپورخاص منتقل ڪيو ويندو آھي. عمرڪوٽ سب جيل ۾ سياسي قيدين لاءِ ڪابه بيرڪ موجود ناھي، سياسي قيدين کي عام قيدين سان گڏ رکيو ويندو آھي. ان حوالي سان جيل انچارج عرفان پنهور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ واٽر سپلا جي پاڻي جو مسئلو آهي، قيدين لا صاف پاڻي مسئلو بڻيل آهي، جڏهن ته کاڌو معياري ڏنو پيو وڃي ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم هر روز قيدين جو معائنو ڪندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button