پاڪستانسنڌ

نبي سرروڊ لڳ آبپاشي عملي خلاف آبادگارن جو مظاهرو

نبي سر روڊ: نبي سرروڊ ويجهو راهمور شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن آبپاشي عملي خلاف مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حاجي عبدالغني رند، الھبچايو، اسد علي، محبوب علي رند ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻڏي چڪي آهي، پر اسان پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي ھٿرادو طريقي سان بند ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اسان جون زمينون بنجر بڻجي چڪيون آهن، پاڻي لفٽ مشينن ذريعي فصلن تائين پهچائڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون. داروغو ۽ آبپاشي عملو ڪجهه ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسان کان پاڻي کسي زمينون بنجر بڻائي رهيو آهي، جيڪو ظلم آهي. شاخ جي کاٽي منڍ کان نه پئي ڪرائي وڃي، پڇڙي کان کاٽي ڪرائڻ کي اسان انتقامي ڪارروائي سمجهون ٿا. آبادگار اڳواڻن ۽ ٻين آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته منڍ کان کاٽي ڪرائي پڇڙي تائين پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button