راڌڻ: قاضي عارف ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ڪرڻ خلاف ٽائٔر ساڙي روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خبر موجب راڌڻ لڳ ميهڙ تعلقي جي اھم يوسي قاضي عارف جي ڳوٺ کوندي ٿڦڻ، احمد خان چانڊيو، ڏنل ڪمانگر، ڀالو ڀنڊ، الھڏتو ڀنڊ سميت ٻين ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن قاضي عارف روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. جنهن سبب ميهڙ کان فريدآباد ۽ قائم جتوئي ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن محمد يعقوب مھيسر، علي رضا جانوري، امداد جوڳرو، شمن چانڊيو، انور سوڍر، منور سوڍر ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي يوسي قاضي عارف ۾ ھميشه پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، ٻوڏ سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، فصل تباھه ٿي ويا آھن ۽ متاثر بي يار مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھيون، بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون پر دوا نٿي ملي. آهي هنن مطالبو ڪيو ته ٻوڏ سبب تباھه ٿي ويل گھر تعمير ڪرائي ڏنا وڃن، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close