اسلام آبادپاڪستان

عمران گهڙي 2 ڪروڙ ۾ ورتي،28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي عدالت وڃڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته عمران خان بس گهڻو ٿي ويو، فارن فنڊنگ، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو جواب ته ڏيڻو پوندو. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گهڙيءَ عمران خان 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي ۽ هينڊلر جي ذريعي 28 ڪروڙ جي وڪرو ڪئي، پئسا مني لانڊر ٿي پاڪستان آيا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا ويا. هن چيو ته عمران خان پاڪستان، دبئي، مريخ يا پوءِ چنڊ تي ڪٿي به ڪيس ڪري، رسيدون ته اتي به ڏيڻيون پونديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڀڙڪيون نه هڻي، سوال اهو آهي ته گهڙيءَ 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي، پئسا پاڪستان فرح گوگي آندا ۽ پئسا ڊڪليئر نه ڪيا. هن چيو ته عمران خان اعلان نه ڪري، عدالت وڃڻ جي تاريخ ٻڌائي. عدالت وڃڻ جي تاريخ سان گڏ گهڙيءَ وڪرو ڪرڻ جي رسيد به ٽوئيٽ ڪري. هن چيو ته عمران خان 2 ڪروڙ ۾ گهڙيءَ خريد ڪري 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي ۽ ان کي ڊڪليئر نه ڪيو، ان ۾ شاهزيب، جيو ۽ مير ابراهيم جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن چيو ته عمران خان صاحب ٻڌائي ته گهڙيءَ جا پئسا پاڪستان ڪنهن آندا ۽ ڪيئن آندا؟ هن چيو ته عمران خان توهان جا هينڊلرز فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر پڪڙيا ويا آهن، عمران خان ٻين تي ڪوڙا الزام هڻي جڏهن ته پاڻ سڳ سوڌو پڪڙيو ويو ته چيو ته بي بنياد الزام آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪوڙن الزامن تي سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو ۽ پاڻ تي ڏوهه ثابت ٿيو ته بيس ليس جو روڄ راڙو شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان توشا خانا ڪيس جي ڪنهن به نوٽيس جو جواب نه ڏنو ۽ ڪنهن جاچ ۾ شامل نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button