اسلام آباد :جمعيت علماءَ اسلام ( ف ) ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مصلحت خاطر عمران خان خلاف في الحال ڪارروائي جي ضرورت نه آهي. جي يو آءِ پاڪستان ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته جيئن آمريڪا جو مستقبل ناهي رهيو ائين ئي هاڻي عمران خان جو به سياسي مستقبل نه آهي. آمريڪي سازشي بيانئي ۽ سائفر واري معاملي تان پوئتي هٽڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. هن چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ پٺيان پرڏيهي فنڊنگ آهي ۽ ان پٺيان لڪيل سازش تان پردو کڻڻ ملڪي مفاد جي گهرج آهي، پنهنجي پاران ڪيل جاچ ۾ اهو پتو پيو آهي ته لانگ مارچ کي هڪ ملڪ فنڊنگ ڪري رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ لاءِ لانگ مارچ جو ڊرامو شروع ڪيو ويو ڇو جو جيستائين شهزادو محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي تاريخ طئي نه ٿي هئي تيستائين عمران لانگ مارچ جي تاريخ جو به اعلان نه پيو ڪري. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عمران خان جيئن ئي خبر پئي ته محمد بن سلمان نومبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي هن نومبر ۾ مارچ شروع ڪيو. هن چيو ته شهزادي محمد بن سلمان ڌرڻي جي اعلان کانپوءِ پاڪستان جو دورو ملتوي ڪيو، هڪ ملڪ نه پيو چاهي ته سعودي ولي عهد پاڪستان جو دورو ڪري انڪري لانگ مارچ کي فنڊنگ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان 2014ع ۾ به چيني صدر جي دوري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هنيو هو، عمران خان سدائين ملڪ جي مفادن خلاف ڪم ڪيو آهي، عمران خان جو لانگ مارچ هاڻي فرلانگ مارچ بڻجي چڪو آهي، هن آرمي چيف جي مقرري کي به تڪراري بڻايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close