پاڪستانسنڌ

دوڙ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف قومپرستن جو مظاهرو

دوڙ: دوڙ شهر ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف شهرين ۽ قومپرست ڌرين جسقم اڳواڻ بادل بروهي، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، ايس ٽي پي علي بخش لغاري، ظفر بروهي، سعيد احمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ هئڻ ڪري گهرن ۾ رڌبچاءُ نٿا ڪري سگهون، 24 ڪلاڪن ۾ صرف 6 ڪلاڪ گئس اچي ٿو، پر في گهر کي 30 هزار کان وڌيڪ بل موڪلي پريشان ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واڌو بل واپس وٺي گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button