پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي ۾ پنجاب پوليس اٽالن جي هوٽل تي چڙهائي، پورهيت کنڀجي ويو

ڏهرڪي: ڏهرڪي ۾ پنجاب پوليس جي وڏن اٽالن جي هوٽل تي چڙهائي، پورهيت تشدد بعد کنڀجي ويو، وڊيو وائرل. خبر موجب ڏهرڪي ويجهو بائي پاس تي المرتضيٰ هوٽل تي چئن گاڏين تي سوار پنجاب پوليس جي اهلڪارن چڙهائي ڪري هوٽل تي ويٺل ڳوٺ لڌو کونهارو واسي پورهيت شاهنواز کونهارو کي مارڪٽ ڪري ڌاڙيلن جيان کنڀي کڻي ويا. جڏهن ته پنجاب پوليس جي اهلڪارن پاران پورهيت کي کنڀڻ جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ وائرل ٿي ويا آهن. ٻي طرف ڏهرڪي پوليس واقعي کان بي خبر رهي. ان سلسلي پورهيت شاهنواز کونهارو جي ڀاءُ نواز کونهارو ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ شاهنواز کونهارو پنهنجي دوستن سان گڏجي بائي پاس تي واقع هوٽل تي ويٺل هو ته پنجاب پوليس تشدد ڪري کنڀي وئي آهي، اسان کي خبر ناهي ته ڇو ڀا کي کنڀيو ويو آهي ۽ هينئر پنجاب جي ڪهڙي ٿاڻي تي آهي. هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ڀاءُ کي کنڀڻ جو نوٽيس وٺي آزاد ڪرايو وڃي. ٻي طرف رابطي ڪرڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته پورهيت کي صادق آباد ٿاڻي جي پوليس کنڀي وئي آهي، واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button