صوفي فقير: صوفي فقير ويجهو قبول شاخ وٽ ڳوٺ محمد عمر هاليپوٽو ۾ 24 سالن جو نوجوان ڌڻي بخش هاليپوٽو پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڏسي گهرڀاتين پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس لاش تعلقا اسپتال پٿورو پهچايو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻي طرف وارثن ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني ناھي، نوجوان ڪمري ۾ ستو پيو هو ته صبح جو لاش مليو آهي، ڳچي تي گهٽا ڏيڻ جا نشان هئا، جنهن ڪري اسان کي قتل جو شڪ آهي. هوڏانهن نوجوان ڌڻي بخش هاليپوٽو جي چار ڏينهن بعد شادي رٿيل هئي، جنهن سبب خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ مڱيندي کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close