پاڪستانسنڌ

انتظاميا جي ڪرپشن سبب برسات متاثر عذاب هيٺ آهن: سنڌو نواز گهانگهرو

نوشهروفيروز: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو ۽ آگاھي اسٽڊي سرڪل جي ماھه نور شيخ چيو آھي ته ضلعي انتظاميا جي ڪرپشن سبب برسات متاثر عذاب واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھن. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته نوشھروفيروز ۽ ڪنڊيارو جون لائبريريون تباھي ڪندي تي آھن اتي ڪابه بنيادي سھولت ميسر ناھي، شاگردن کي پڙھڻ لاءِ ڪتاب ناھن، جڏھن ته سياري جي مند ايندي ئي برسات متاثرن لاءِ زندگي عذاب بڻجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته زمينن ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آھي جيڪو نيڪال ناھي ٿي سگھيو، ۽ اھڙي صورتحال ۾ ضلع انتظاميا پاران ڪي به انتظام ناھن ڪيا ويا. متاثرن کي ڪابه سھولت ناھي ڏني، ضلع ۾ مڇرمار اسپري به ناھي ٿي سگھيو، جنھن ڪري ماڻھو مليريا ۾ وٺجي رھيا آھن. ھنن چيو ته سمورا مسئلا جيڪڏهن حل نه ٿيا ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button