اسلام آباد : اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته مان نه عمران خان جي خلاف هيس نه آهيان ۽ نه ئي ان جي خلاف ٿيندس. ايندڙ چونڊن تائين عمران خان جي چوڌاري سازشي نانگ ۽ ڪيڙن جي سياسي صفائي ۾ منهنجو وڏو ڪردار هوندو. نيب جي جاچ ٽيم اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ برطانيا کان فنڊز ۾ گهوٻين بابت لکت جواب لاءِ سوالنامو ڏئي ڇڏيو آهي. نيب ذريعن مطابق اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ برطانيا مان فنڊز ۾ گهوٻين بابت اسلام آباد ۾ نيب جي گڏيل جاچ ٽيم جي اڳيان پيشي دوران نيب فيصل واوڊا کان سوالن جا لکت جواب گهري ورتا. ذريعن چيو ته نيب فيصل واوڊا کي لکت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني. جڏهن ته گڏيل جاچ ٽيم فيصل واوڊا جو بيان به رڪارڊ ڪيو. پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته مان عمران خان جي خلاف واعدا معاف گواهه بڻجڻ ناهيان آيو نه مان عمران خان جي خلاف هيس نه آهيان ۽ نه ئي ان جي خلاف ٿيندس. فيصل واوڊا چيو ته قومي احتساب بيورو ۾ اچڻ کان اهي ماڻهو گهٻرائين ٿا جن جا هٿ صاف نه هجن. نيب آفيسرن اعظم خان بابت سوال پڇيا پر جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي اعظم خان جو پئسن جي ڏيتي ليتي سان ڪوئي تعلق ناهي رهيو پر شهزاد اڪبر ڪابينا کي بريف ڪري اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪابينا ۾ ان تي ڪوئي تفصيلي بحث نه ٿيو. اهڙي طرح ڪابينا کان هڪ غلط ڪم ورتو ويو. هن چيو ته جڏهن ڪابينا ۾ مون ۽ شهزاد اڪبر وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو ته مان عمران خان کي ان وقت به چيو هو ته هي شخص ملڪ ڇڏي هليو ويندو ۽ مان ان وقت به عمران خان کي بچائي رهيو هيس ته غلط ماڻهن تي اعتماد نه ڪريو. هن چيو ته پاڪستاني خزاني کي 19 ڪروڙ پائونڊز جو نقصان ٿيو. هڪ ٻيو آئيني عهدو آهي جيڪو سازش تحت استعمال ٿي رهيو آهي ۽ شايد عمران خان کي ان جو پتو نه آهي ڇو ته هو گهڻو ڀروسو ڪندو آهي، تنهنڪري مان اتي به ٽارگيٽ طئي ڪري ورتو ۽ هاڻي لاڪ ڪرڻ ۽ فائر ڪرڻ باقي رهيل آهي. هن چيو ته جڏهن صحافي ارشد شريف جو قتل ٿيو ته ڪوڙي اسٽوري سامهون آئي ۽ مان ان وقت به چيو هو ته هي پلان پاڪستان ۾ رٿيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close