پاڪستانسنڌ

وڏي وزير جي نااهلي جي درخواست بحال ڪرڻ بابت درخواست تي نوٽيس

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي جي درخواست بحال ڪرڻ بابت درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي جي درخواست بحال ڪرڻ تي شنوائي ٿي. درخواستگذار موقف ڏنو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ منهنجي غيرموجودگي سبب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. مون تي فالج جو اٽيڪ ٿيو هو، اسپتال ۾ علاج هيٺ هيس، بيمار هجڻ جي ڪري پيش نه ٿي سگهيس. عدالت کي اپيل آهي ته مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست بحال ڪئي وڃي. درخواستگذار پاران بيماري بابت دستاويز به عدالت ۾ پيش ڪيا ويا. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان ٽن هفتن ۾ جواب گهري ورتو. مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت سبب نااهلي جي درخواست داخل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button