سن: 3 مھينا اڳ لنڪ روڊ جي تعمير تان فائرنگ ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ايس يو پي ۽ شھري ايڪشن ڪاميٽي طرفان شٽربند هڙتال ڪري ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. 3 مھينا اڳ سيد امير حيدر شاھه جي فرزند بدر زمان جي زمين مان ڏنل لنڪ روڊ جي تعمير تان کوسا برادري جي ماڻهن سيد ۽ شاھاڻي برادري مٿان فائرنگ ڪئي ھئي. ان واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي ۽ شھري ايڪشن ڪميٽي طرفان شٽربند هڙتال ڪري ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن عنايت الله شاهاڻي، سيد عبدالله شاھه، موسى شاھاڻي، سيد تراب علي شاھه، سيد انور شاھه، ڪامريڊ انور منگھار، لونگ خان سومرو، امتياز ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 مھينا اڳ سيد امير حيدر شاھه جي فرزند بدر زمان شاھه جي زمين مان ڏنل لنڪ روڊ جي تعمير تان کوسا برادري جي ماڻهن سيد بدر زمان شاھه ۽ شاھاڻي برادري جي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي ۽ گوليون لڳڻ سبب اسان 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ھئا. ان واقعي جا جوابدار گرفتار نٿا ڪيا وڃن. جڏهن ته انهن جي ھا ڪورٽ مان ضمانت رد ٿي چڪي آهي. ان باوجود پوليس جوابدارن جي ونگارو بڻيل آهي. جڏھن ته اسان ايس ايس پي ڄامشورو آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ته ايس ايس پي ڄامشورو يقين ڏياريو ھو ته جوابدار گرفتار ڪيا ويندا پر جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن ۽ پوليس گرفتار ڪرڻ تيار ناهي. ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو جاني نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايس پي ڄامشورو ھوندو. ھنن مطالبو ڪيو ته واقعي جا جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close