پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ڀرسان لنگهه بند ڪرڻ تان جهيڙو، پيرسن فوت ٿي ويو، لاش رکي ڌرڻو

ڄامشورو: ڄامشورو ڀرسان جهيڙي دوران دل جو دورو پوڻ سبب پيرسن فوت، وارثن انڊس ھا وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باھيون ڏئي ڇڏيون، ٽرئيفڪ معطل ٿي وئي. خبر موجب ڄامشورو لڳ ٿرمل پاورھائوس ويجهو ڳوٺ قيصر خان کوسو ۽ ڳوٺ شاھه بخش کوسو جي ھڪ نجي پمپ مالڪ طرفان ڳوٺاڻن جو لنگھه بند ڪري اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو ته ڳوٺاڻا پھچي ويا. جنھن دوران پمپ مالڪ جي گارڊن سان منھن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو. ان دوران دل جو دورو پوڻ سبب 80 ورهين جو پيرسن عبد الله کوسو فوت ٿي ويو. جنھن بعد ڳوٺاڻن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانئيجي وئي ۽ انڊس ھا وي تي فوتي پيرسن جو لاش رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بند ڪري ڌرڻو ھنيو. جنھن سبب 2 ڪلاڪ روڊ بند رھيو ۽ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاھه بخش کوسو، امداد کوسو، قيصر کوسو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته پمپ مالڪ محبت پٺاڻ اسان جي قديمي ڳوٺن جو مک رستو بند ڪري ڇڏيو آھي، اسان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون پر ڪير ٻڌڻ لا تيار ناھي. جڏھن ته رات وري اسان جي لنگھه تي پمپ مالڪ مٽي وجهرائي رستو بند ڪيو، اسان موقعي تي پھچي وياسين تـه پمپ مالڪ محبت پٺاڻ ۽ ان جي ڪمدار بخشل برفت ۽ ان جي گارڊن اسان سان منھن ماري ڪري اسان کي ڌڪا ڏنا، اسان مٿان ھٿيار رکيا ويا، ان دوران اسان جي پيرسن عبداالله کوسو کي دل جو دورو پيو، جنھن سبب ھو فوت ٿي ويو آھي. محبت پٺاڻ اسان ڳوٺ وارن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، اسان کي ان مان خطرو آھي.

ھنن چيو ڌمڪيون ڏيندڙ مٿان فوتي ڳوٺاڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، جنھن بعد ايس ايڇ او ڪوٽڙي مظھر سومرو، ايس ايڇ او ڄامشورو حاڪم جلباڻي پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪيون ۽ چڱي مڙس رئيس نياز کوسو طرفان انصاف جو يقين ڏيارڻ ۽ رستو بحال رکڻ جو يقين ڏيارڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو. ايس ايڇ او ڄامشورو حاڪم جلباڻي چيو ته فوتي پيرسن وڏي عمر ۽ ڪنھن بيماري سبب فوت ٿيو آھي، ان جو ڪيس داخل نٿو ٿي سگھي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي ته خبر پوندي، باقي جيڪڏھن ڳوٺاڻن جو ڪو رستي جو مسئلو آھي ته اھي ڪنھن چڱي وٽ ڳالھيون ڪري مسئلو حل ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button