اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي زندگي لا خطرا برقرار هجڻ جو اشارو ڏيندي وڌيڪ حملن جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين چيو آهي ته منهنجي سِر کي اڃا به خطرا آهن، اهي ماڻهو ٻيهر مون کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، حڪمران ڌر جي ڪوشش آهي ته ڪهڙي به طريقي سان عمران خان کي رستي تان هٽائجي، مون قاتلاڻو حملو ڪرائيندڙن جا نالا عوام آڏو رکي ڇڏيا آهن. تحريڪ انصاف جي هلندڙ لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ عوام کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون مٿان ٿيل حملي جي جاچ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن جاچ ٿي ته اهو ثابت ٿي ويندو ته وزيرآباد واقعي ۾ راڻا ثناءُ الله ۽ شهباز شريف ملوث آهن، ڇنڇر تي اعلان ڪندس ته ڪهڙي ڏينهن راولپنڊي پهچڻو آهي، تنهن ڪري عوام تيار رهي. ٻئي طرف فرانس جي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته خدشو آهي ته مون تي اڃا به وڌيڪ حملا ڪرايا ويندا. بدقسمتي سان مونکي لڳي ٿو ته اهي ماڻهو اهڙي ڪوشش وري به ڪندا. اهي مونکي ان لاءِ ختم ڪرڻ چاهين ٿا ته تحريڪ انصاف ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي ۽ مونکي وڏي پيماني تي عوامي حمايت حاصل آهي، مون کي رستي تان هٽائڻ جو واحد طريقو مون کي ختم ڪرڻ آهي انڪري خطرا اڃا به آهن جڏهن ته اهڙي سازشن جو مون ڇهه هفتا اڳ ئي جلسي ۾ ٻڌايو هو، ماڻهن کي سئو سيڪڙو يقين آهي ته مون تي سنائپر ذريعي فائرنگ ٿي، سڀني کي اها به پڪ آهي ته فائرنگ ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ هئا، جي آءِ ٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ تي پرويز الاهي ذميوار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سائفر جي معاملي تي پنهنجي ڳالهه تان پٺتي هٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي هن معٿاملي تي چيف جسٽس کي جاچ جي درخواست ڪئي آهي نٿو چاهيان ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو نتيجو پاڪستاني عوام جي مفادن خلاف نڪري. پي ٽي آ سربراهه چيو ته منهنجا اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف احتساب ۽ عثمان بوزدار کي نه هٽائڻ تان ٿيا، جيڪڏهن انهن جي چوڻ تي عثمان بوزدار کي هٽايان ها ته اسان جي پنجاب حڪومت ختم ٿي وڃي ها، اسٽيبلشمينٽ ۽ اسان جي حڪومت پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان هڪ صفحي تي هيون، روس جي دوري تان واپس اچڻ بعد اختلاف پيدا ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي حڪومتي حلقن ۾ ڇڪتاڻ آهي، هنن جا هڪٻئي جي ڳلي ۾ هٿ آهن، فوجي سربراهه جي مقرري تي اسان جي پاليسي “ڏسو ۽ انتظار ڪريو” واري آهي، آصف زرداري کان مشوري بعد هاڻي جيلن مان ٻين ماڻهن کي به آزاد ڪري کانئن صلاح مشورا ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close