تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تي لانگ مارچ دوران قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار نويد کي 14 ڏينهن بعد پهريون ڀيرو گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اي ٽي سي ڪورٽ جوابدار کي 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي ڪيس ۾ مک جوابدار نويد کي گوجرانوالا ۾ دهشتگردي روڪ خصوصي عدالت جي جج رانا زاهد اقبال خان آڏو پيش ڪيو ويو، شنوائي جي موقعي تي جي آ ٽي آفيسرن سميت ايڊيشنل آ جي پنجاب احسان الله چوهاڻ ۽ ايس پي ملڪ طارق به شامل هئا. پوليس طرفان جوابدار جي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي پر اي ٽي سي ڪورٽ ٽيهن بدران 12 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي جوابدار کي 29 نومبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته جوابدار نويد کي 3 نومبر تي وزيرآباد ۾ واقعي واري هنڌان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ واقعي جي ايف آ آر 7 نومبر تي داخل ڪئي وئي هئي. اي ٽي سي ڪورٽ جي جج زاهد اقبال خان جوابدار کي دير سان پيش ڪرڻ تي جاچ آفيسرن کي ڇنڊ پٽي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار نويد کي 10 ڏينهن تائين غير قانوني حراست ۾ ڇو رکيو ويو؟ جنهن تي جاچ آفيسر رانا امتياز عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو. عدالت ايندڙ شنوائي تي جي آ ٽي سربراهه کي جواب داخل ڪرائڻ ۽ غلفت جو مظاهرو ڪندڙن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته جوابدار جو چوڻ آهي ته کيس 10 ڏينهن تائين پوليس جي حراست ۾ رکيو ويو، جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته پو ان عمل ۾ ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close