پاڪستان

فيصل واوڊا کي اسلام آباد ۾ پيرسن عورت گهيري ورتو، غدار- غدار جا نعرا

تحريڪ انصاف مان بيدخل ڪيل اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ پيرسن عورت گهيري ورتو ۽ “غدار- غدار” جا نعرا لڳائي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. فيصل واوڊا اسلام آباد ۾ نيب جي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان سان ڳالهائي رهيو هو ته ان دوران هڪ پيرسن عورت اچي “غدار- غدار” جا نعرا هنيا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، ارشاد بيگم نالي عورت نعرا لڳائيندي چيو ته هي ملڪ اسان غريبن جو آهي، اسان پنهنجي ملڪ کي پاڻ بچائينداسين، مان چورن کي نه ڇڏينديس، باقي عمران خان جو گلن سان استقبال ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button